چڪ ٿاڻي جي حد محمد آباغ جي ڪچي مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل سومرا برادري جا 2 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا. ڳوٺ مبارڪپور واسي ٻن نوجوانن طاهر سومرو ۽ حمادالله سومرو کي زمين تي پاڻي ڏيندي هٿياربند اغوا ڪري ويا. خبر موجب چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمدآباغ جي ڪچي مان 3 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان رات جو زمين کي پاڻي ڏيڻ دوران اغوا ٿيل ڳوٺ مبارڪپور سومرو (منهن) واسي 2 ڄڻا طاهر سومرو ۽ حمادالله سومرو کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي. رستم جي ايس ايڇ او عالم ڪرسي محمدآباغ ڳوٺ ۾ نالي ماتر آپريشن ڪري جتوئي پاڙي جي جمالاڻي برادري جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جن جا نالا به راز ۾ رکيا ويا. ٻئي طرف طرف مغوين جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، جڏهن ته قرآن خوانين جو سلسلو جاري آهي. ياد رهي ته هٿياربند 3 ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا، جن مان هڪ ڄڻي صدام پٽ امين جتوئي کي رستي ۾ ڇڏي ويا هئا، جنهن کي چڪ پوليس جاچ لا حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close