سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ پيئڻ واري پاڻي جي سپلا ٻن ڏينهن کان بند هجڻ خلاف شاگردن هاسٽل جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو. سنڌ يونيورسٽي جي مخدوم امين فھيم بوائز ھاسٽل جي پاڻي جو موٽر سڙڻ سبب ٻن ڏينھن کان پاڻي سپلا بند ٿي وئي، جنهن سبب شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪندي ھاسٽل جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي شاگردن ذاڪر زرداري، اياز نوحاڻي، بابر بروھي، آصف رودناڻي، مظھر رند ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 2 ڏينهن کان ھاسٽل ۾ موٽر سڙي ويو آھي، نااھل هاسٽل انتظاميا کي خبر ھجڻ باوجود موٽر نه پيو ٺهرايو وڃي، جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي لا دربدر آهيون. هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا هاسٽل پرووسٽ آفيس ۾ وڃي پرووسٽ ۽ عملي کي اطلاع ڏنو آهي پر صرف اهو چئي موٽائي ڇڏين ٿا ته ها موٽر ٺهرايون ٿا. هنن چيو ته اسان جي يونيورسٽين ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ معياري کاڌي سهولت به ناهي. هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيترن ئي استادن کي اضافي انتظامي پوسٽون ڏئي شاگردن مٿان مڙهيو ويو آهي جيڪي نه ته ڪلاسن ۾ شاگردن کي پڙهائين ٿا ۽ نه ئي انتظامي معاملا حل ٿا ڪري سگهن. نتيجي ۾ تعليمي نظام سميت انتظامي معاملا به رولڙي جو شڪار آهن. هنن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي ۾ اضافي انتظامي پوسٽن تي ويٺل استادن کي هٽائي جلد سڙيل موٽر ٺھرائي ھاسٽل ۾ پيئڻ جو پاڻي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close