سنڌ

لاڙڪاڻي واسي پرائمري استاد جو ناٺي جي مبينا حملي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي الهه آباد پاڙي واسي ڄاٽي جي مبينا حملي ۾ زخمي ٿيل پرائمري استاد گهر ڀاتين سان گڏجي ڄاٽي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي زخمي استاد الله بخش ڪنڀر گهرواري ارشاد خاتون، ڌيءَ صنم، پٽ طارق ڪنڀر ۽ معصوم ٻارن سان گڏجي دانهيندي چيو ته چار سال اڳ ڌيءَ صنم جي شادي ڊرٻ ميهر شاهه واسي گلشن گلال سان ڪرائي هئي جنهن مان کيس ٻن نياڻين جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته ڄاٽو گلشن گلال ڪو ڪم ڪار نه ڪندو آهي، جيڪو ڌيءَ کي گهر جو خرچ به ناهي ڏيندو، جڏهن ته نياڻي جي اولاد ٿيڻ سبب طعنا ڏيندو رهندو آهي، جنهن برساتن دوران ڌيءَ کي ٻارڙن سميت گهران ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد هوءَ مون وٽ ٻارڙن سميت رهندي آهي، جڏهن ته اڄ ڄاٽي گلشن گلال، ڀاءُ امتياز علي ڪنڀر ۽ چاچي ممتاز ڪنڀر کي ساڻ ڪري اسان جي گهر اچي سرچاءُ لاءِ ايلاز منٿون ڪيون، بعد ۾ هن پنهنجي گهرواري صنم کي واپس وٺڻ کان انڪار ڪندي معصوم نياڻين انعم ۽ ايمن اسان کان زوري کسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اسان روڪيو ته حملو ڪري ڪلپون هڻي زخمي ڪري مون سميت گهر ڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون، اهڙي دانهن پوليس کي ڏني پر پوليس اڃان تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته ڄاٽي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button