لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو فاطمه ڀٽو فالورس پاران مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي جي 16 ورهين جي ڀائٽي جي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ۽ سندس آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي پي پي پي شهيد ڀٽو جي اڳواڻن احسان الحق ڀٽي، محمد علي عمراڻي، برڪت علي ميرجت، انعام الله ناريجو، برڪت علي ميراڻي، جاويد احمد لاهوري، ولي محمد لاهوري، احسان مري، لالو سرهيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پ پ ش ڀ اڳواڻ عنايت علي عمراڻي جي ڀائٽي کي ٻه مهينا اڳ نانگ ڪکڻ سبب چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي بااثرن جي چوڻ تي معصوم نياڻي لاءِ علاج جا دروازا بند ڪري ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تنيو جي چوڻ تي ايمرجنسي وارڊ ۾ 5 ڪلاڪن تائين علاج نه ڪيو ويو، جنهن سبب نياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، جنهن جي قتل جي ايف آءِ آر سرڪاري ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن مٿان داخل ڪرڻ بدران الٽو عنايت علي عمراڻي مٿان دهشتگردي جون 3 ايف آءِ آرون داخل ڪري کيس سينٽرل جيل اماڻيو ويو آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هتي انصاف جا دروازا سياسي مخالفن لاءِ مڪمل طور تي بند آهن. هنن مطالبو ڪيو ته عنايت علي عمراڻي کي بنا دير آزاد ڪري سندس ڀائٽي جي قتل جي ايف آءِ آر ايم ايس گلزار تنيو سميت سرڪاري ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ سهولتڪار ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ ٻين مٿان داخل ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close