سنڌ ها ڪورٽ پروين رحمان قتل ڪيس ۾ دهشگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي خلاف جوابدارن جي اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندي سندن ٻه ڀيرا عمر قيد جون سزائون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون. سنڌ ها ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن جوابدار ٻين ڪيسن ۾ گهربل ناهن ته کين آزاد ڪيو وڃي. عدالت پراسيڪيوشن جي جاچ ۾ ناڪامي ۽ ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي جوابدارن جون اپيلون منظور ڪيون. جوابدارن ۾ رحيم سواتي ، امجد حسين، اياز سواتي ۽ احمد حسين شامل آهن. ٻئي طرف پروين رحمان جي ڀيڻ فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ها ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ۾ سندس چوڻ هو ته اسانجي ڪٽنب کي خطرو آهي، اورنگي پائليٽ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙن کي پڻ خطرو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت پروين رحمان ڪيس ۾ جوابدارن کي 2017 ع ۾ ٻه-ٻه ڀيرا عمر قصيد جي سزا ٻڌائي هئي. واضح رهي ته اورنگي پائليٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان کي 2013ع ۾ ڪراچي جي علائقي منگهو پير ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ان وقت قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن هو پنهنجي آفيس کان گهر وڃي رهي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close