سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گئس ۽ بجلي جي معاملي ۾ سنڌ سان زيادتي ٿيندي رهي آهي، سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو ته سنڌ پنهنجي عوام جا حق کسي نٿي سگهي. هن چيو ته گئس جي ورڇ واري معاملي تي نئون معاهدو ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته سنڌ مان جيتري گيس فراهم ٿي رهي آهي، ان جو اڌ حصو به سنڌ جي ماڻهن کي ميسر نٿو ٿئي، جنهن ڪري عوام ۾ احساس محرومي پيدا ٿي رهي آهي. امتياز شيخ چيو ته گئس جي کوٽ جون ڪيتريون ئي شڪايتون ملي رهيون آهن. گيس جي کوٽ جو مسئلو ڪيترن ئي سالن کان هلي رهيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، ڪرونا جي دور ۾ پرڏيهه مان سستي گيس 3 کان 4 ڊالرن ۾ ملي پئي، پر عمران حڪومت اها خريد نه ڪئي، جنهن سبب اسان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ گئس وڏي مهنگي ملي رهي آهي. سنڌ جي توانائي واري وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ وٽ ملڪ جي توانائي جي ضرورتن جو حل موجود آهي پر سنڌ کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. سنڌ 2100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جي گئس جي گهرج 16 کان 17 سئو ايم ايم سي ايف ڊي آهي، جڏهن ته سنڌ کي 700 کان 800 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ڏني پئي وڃي. امتياز شيخ چيو ته توانائي جي وفاقي ادارن ۾ سنڌ کي نمائندگي ڏني وڃي، اوگرا، نيپرا ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي نمائندگي لاءِ درخواستون ڏنيون ويون آهن، اميد آهي ته وزيراعظم پاڪستان اسان جي درخواستن تي غور ڪندو ۽ مسئلا حل ڪندو. هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي ۽ هتان جي صنعتن کي گئس جي فراهمي بند ڪئي پئي وڃي. اسان جا صنعتڪار مهانگي آر ايل اين جي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ مطالبو ڪيو ته اسان جي گئس جو جائز حصو اسان کي ڏنو وڃي هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بورڊ ۾ سنڌ حڪومت کي به نمائندگي ڏني وڃي. ڪي اليڪٽرڪ مان برطرف ٿيل هڪ شخص جي خودڪشي جي خبر پڻ سامهون آئي آهي، جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ بابت اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان اهو معاملو پارلياماني فورم ۾ به اٿارينداسين. هن چيو ته عمران خان کي انهن معاملن ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، عمران خان گذريل 7 مهينن کان ملڪ کي بحرانن ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي، تحريڪ انصاف ۽ عمران خان کي نه ته ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي آهي ۽ نه ئي سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾، عمران خان ۽ سندس پارٽي ملڪ ۾ بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اتحادي حڪومت عمران خان جو مقابلو ڪندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان عمران خان جي ناقص پاليسين جو ازالو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي ۽ دوست ملڪن سان ٻيهر بهتر لاڳاپا قائم ڪيا پيا وڃن. اتحادي حڪومت ملڪ جي معاشي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي اميد آهي ته وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم پاڪستان سنڌ جا مسئلا حل ڪندا.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران جو مارچ ۽ ڌرڻو فلاپ هو، فلاپ آهي ۽ فلاپ ئي رهندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close