ڪراچي جي ڪلفٽن ٿاڻي جي حد ۾ واقع اسٽريٽ اي واري علائقي ۾ گذريل رات جو دير سان نامعلوم ڪار سوارن جي فائرنگ ۾ شاهين فورس جو سپاهي 35 کان 40 ورهين جو عبدالرحمان پٽ بخت زاهد گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو، جنهن جي لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب شهيد جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي. هوڏانهن پوليس اهلڪار کي شهيد ڪندڙ جوابدار خرم نثار اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر جو پُٽ نڪتو آھي. ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ موجب جوابدار خرم نثار جو ڊفينس فيز 5 ۾ گهر آهي، پوليس جوابدار جي گهر تي ڇاپو هڻي هٿيار ۽ دستاويز هٿ ڪري ورتا آهن ۽ هڪ چوڪيدار کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي. ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ موجب جوابدار پنهنجي فيملي سان گڏ سوئيڊن ۾ رهندو هو، سندس ٻيو ڀاءُ فيصل آباد ۾ رهي ٿو، جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس اهلڪارن بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته جوابدار هڪ ڇوڪريءَ کي زبردستيءَ ڪار ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جنهن دوران هو اُتي پهتا ته جوابدار منهن ماري ڪئي ۽ فائر ڪري اهلڪار کي شهيد ڪيو. ڊي آءِ جي چيو ته اُن واقعي وارا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار جي هٿ ۾ پستول آهي، پوليس اهلڪار جي پُڇا ڪرڻ تي جوابدار چوي ٿو ته کيس لائسنس وارو پستول آهي. وڊيو ۾ پوليس اهلڪار جوابدار کي گاڏيءَ ۾ ويهڻ جو چئي رهيو آهي، جنهن دوران هُن فائر ڪري کيس شهيد ڪيو. عرفان بلوچ ٻڌايو ته جوابدر خرم نثار زال ۽ ٻن ٻارن سان گڏ سوئيڊن جو مستقل رهائشي آهي، سندس ٻيو ڀا فيصل آباد ۾ رهائش پذير آهي، واردات ۾ استعمال ڪيل گاڏي هو گهر ڇڏي ٻي گاڏي ۾ فرار ٿي ويو، جڏهن ته گهر مان مليل هڪ پستول جو فارنزڪ ڪرايو پيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گهر مان هڪ پاسپورٽ جي ڪاپي پڻ برآمد ٿي آهي، جوابدار جنهن گاڏي ۾ فرار ٿيو آهي، انجي ڳولا جاري آهي، سندس دوستن جي گهرن تي پڻ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس موجب ايئرپورٽس تي پڻ جوابدار جون تصويرون ۽ سفري دستاويزن جا تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن. معلوم ٿيو آهي ته شهيد اهلڪار بونير جو رهواسي هو، سندس ڀا حضرت رحمان ٻڌايو ته عبدالرحمان جو نڪاح ٿيل هو، مهيني بعد رخصتي ٿيڻي هئي. هن چيو ته عبدالرحمان جي تدفين ڪراچي ۾ ڪئي ويندي. ڊي آ جي ڏکڻ عرفان بلوچ انڪشاف ڪيو ته ڇوڪري کي زبردستي ڪار ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها پوليس پهچڻ تي ڀڄي نڪتي. هن ٻڌايو ته شهيد ٿيل اهلڪار سان گڏ موجود ٻئي پوليس اهلڪار جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن ٻڌايو ته اهلڪارن جوابدر کي بوٽ بيسن جي علائقي ۾ زبردستي ڇوڪري کي ڪار ۾ ويهاريندي ڏٺو، جڏهن پوليس اهلڪار جوابدار کي روڪڻ لا پهتا ته ڇوڪري ٻڄي نڪتي.ڊي آ جي موجب پوليس اهلڪارن جوابدار کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس مڇرجي وڃڻ تي پوليس اهلڪار کانئس هٿيار نه کسي سگهيا. انهي دوران مقتول اهلڪار جوابدار سان گڏ ڪار ۾ ويهي رهيو. ان دوران ٻيو اهلڪار موٽرسائيڪل تي جوابدار جو پيڇو ڪندو رهيو. پوليس اهلڪار جوابدار کي درخشان ٿاڻي تي وٺي وڃڻ چاهين پيا، ان دوران جوابدار گاڏي جي رفتار تيز ڪري ڇڏي. ڊي آ ٻڌايو ته اهلڪار جي روڪڻ تي جوابدار ۽ مقتول اهلڪار ٻئي گاڏي مان هيٺ لهي آيا، جوابدار ۽ پوليس اهلڪار وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي ۽ هن پستول تاڻي ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close