سنڌ

ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ڪرائڻ جو فيصلو

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري 2023ع تي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي حوالي سان پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي شنوائي ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سمورين وڏين سياسي پارٽين پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۽ ٻين جو موقف ٻڌو ويو، آءِ جي سنڌ جو موقف به ورتو ويو ۽ فيصلو 15 نومبر تي محفوظ ڪيو ويو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. اڱاري ڏينهن چيئرمين اليڪشن ڪميشن سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ اهو فيصلو ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن طرفان ٻڌايل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي شق 220 تحت سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته هو پولنگ اسٽيشنز جي سيڪيورٽي، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن، رٽرننگ آفيسرن، پولنگ عملي جي مقرري ۽ پولنگ مواد جي رٽرننگ آفيسرز جي آفيسن تائين منتقلي لاءِ خاص سيڪيورٽي جا انتظام ڪن. وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته گهرو وزارت ذريعي مناسب انگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا سيڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪري ته جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ پرامن انداز ۾ مڪاني چونڊون منعقد کي يقيني بڻائي سگهجي. اجڏهن ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪن. واضح رهي ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون 3 ڀيرا ملتوي ڪيون ويون هيون. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به اليڪشن ڪميشن کي 15 ڏينهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button