سنڌ

بي آر ٽي ريڊ لائين پراجيڪٽ ۾ سستي برداشت نه ڪبي:شرجيل ميمڻ

اطلاعات ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ بابت ڪي اليڪٽرڪ سميت يوٽلٽي ڪمپنين جي آفيسرن سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، سي اي او ٽرانس ڪراچي واصف اجلال، ڪي اليڪٽرڪ جي منير احمد شيخ، پي ٽِي سي ايل، سوئي سدرن گيس ڪمپني جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ ڪي اليڪٽرڪ پاران يوٽيليٽيز جي منتقلي ۾ سستي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوامي مفاد جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي ذميواريون وقت تي ادا ڪري. بي آر ٽي ريڊ لائن عوامي مفاد جو اهم پروجيڪٽ آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ڪري پروجيڪٽ ۾ ڪنهن به قسم جي سستي برداشت نٿا ڪري سگهون. صوبائي وزير، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، ڪمشنر ڪراچي ۽ سي اي او ٽرانس ڪراچي کي اڄ ( خميس) ڏينهن سي اي او ڪي اليڪٽرڪ سان اجلاس ڪري سمورين انسٽاليشن جي منتقلي جي معاملن کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صوبائي وزير ڪي اليڪٽرڪ کي بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جو پروجيڪٽ مينيجر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پروجيڪٽ مينيجر روزاني جي بنياد تي ريڊ لائن پروجيڪٽ ڪوريڊور تان ڪي اليڪٽرڪ جي انسٽاليشن جي منتقلي جي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري ان کي مڪمل ڪري. صوبائي وزير ڪراچي انتظاميا کي بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ جي ڪوريڊور تي سموريون حددخليون 7 ڏينهن اندر هٽائڻ جا پڻ حڪم ڏنا. هن چيو ته ٽرانسپوٽ کاتو پبلڪ ٽرانسپورٽ جي پروجيڪٽس کي وقت اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن ٽرانس ڪراچي کي هدايت ڏني ته ريڊ لائن پروجيڪٽ تي متبادل رستن کي بهتر طريقي سان ٺاهيو وڃي ته جيئن شهرين کي ڪا به پريشاني نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button