سنڌ

گڊو ويجهو پوليس پڪٽ تي حملو،ڌاڙيل مارجي ويو،3 اهلڪار زخمي

گڊو ويجهو پنجاب جي روجهاڻ جي کپڙا ڪچي واري علائقي ۾ پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾گوليون لڳڻ سبب 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو ۽ 2 ڏوهاري زخمي ٿي پيا. پنجاب جي علائقي روجهاڻ جي ڪچي ۾ قائم پوليس جي پڪٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ايلٽ فورس جا 2 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، جنهن بعد پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ لنڊ گينگ جي سربراهه خدابخش لنڊ طور ڪئي وئي، جنهن بعد اطلاع تي ڊي پي او راجنپور احمد محي الدين پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهتو، جڏهن ته زخمي ايلٽ فورس جي اهلڪارن کي علاج لاءِ روجهاڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن روجهاڻ پوليس موجب مارجي ويل خدابخش لنڊ ڪچي جو بدنام ڌاڙيل ۽ لنڊ گينگ جو سردار ڪوٺيو ويندو هو، جنهن تي ڪيترائي سنگين نوعيت دهشتگردي، پوليس مقابلن، اغوا، قتل ۽ ٻيا مختلف قسم جا ڪيس داخل ٿيل آهن. مارجي ويل ڌاڙيل تي دهشتگردي، پوليس آخري اطلاعن تائين ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button