پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي ڀرسان پوليس مقابلو، ڌاڙيل ساٿي سميت مارجي ويو

ميرپورماٿيلو/اوٻاوڙو: گھوٽڪي پوليس پاران رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ مبينا مقابلو، ڌاڙيل ساٿي سميت مارڻ جي دعويٰ. خبر موجب گھوٽڪي پوليس پاران رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ شھيد ڪيل ڊي ايس پي شھيد عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر، ايس ايڇ او دين محمد لغاري، پوليس اھلڪار جتوئي پتافي ۽ اھلڪار سليم چاچڙ جي شھادت ۾ ملوث ڌاڙيل حاڪم شر ساٿي سميت پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو جي پريس ترجمان مطابق مارجي ويل ڏوھاري واردات جي ارادي سان بيٺل ھئا ته پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ٻيلو ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي حد ڊرنگ چاچڙ وٽ پوليس آفيسرن کي شھيد ڪندڙ ڌاڙيل حاڪم پٽ نواز شر ساٿي سميت مارجي ويو. مارجي ويل ڌاڙيل تي پنجاهھ لک روپيا انعام جي پڻ سفارش ٿيل آھي. جڏهن ته ٻئي ڌاڙيل جي سڃاڻپ آغو شر جي نالي سان ٿي آهي. مارجي ويل ڌاڙيلن جا مڙھه ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايا ويا. ٻي طرف ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھادتون پوليس جو ڏاج آھن، ڏوھارين کي چٿڻ لاءِ وڏي موثر حڪمت عملي سان ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي، آپريشن ۾ ڪراچي پوليس جا ڪمانڊوز پڻ شامل آهن، جيڪي وڏي بھادري سان ميدان تي لٿل آهن، جلد ئي گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي وارن علائقن مان ڏوھارين جو خاتمو آڻينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button