سنڌ

قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي اندر ٻوڏ جي بيٺل پاڻي کي نيڪال نه ڪرڻ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن جو ٻوڏ وارو پاڻي ڪئنالن، برانچن ۽ شاخن ذريعي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڇوڙ ڪرڻ ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ ٻج جي اعلانيل سرڪاري رقم جاري نه ڪرڻ خلاف سنڌ آبادگار بورڊ ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي گڏيل سڏ تي آبادگارن، ھارين ۽ سڄاڻ علائقي واسين مختلف گاڏين تي سوار ٿي ريلي جي صورت ۾ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر آفيس اڳيان پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. سنڌ آبادگار بورڊ جي ضلعي صدر عبدالخالق کوسو، عرفان جتوئي، سراج راشدي، خالد عمر کوسو، حبيب الله جروار، ذوالفقار جمالي، وھاب پندراڻي، عرس سيلرو، غلام الله سيلرو، قادر بخش سيلرو ۽ ٻين چيو ته حڪومتي نااهلي سبب تازو ھڪ ئي وقت قمبر شهدادڪوٽ ضلعو 3 ڀيرا ٻوڏ جو شڪار ٿيو، پھرين برساتي ٻوڏ، ٻئي آبپاشي نظام جي تباهي سبب آيل ٻوڏ ۽ ٽين ٻين صوبن ۽ ضلعن جو پاڻي اسان جي ضلعي ۾ نيڪال ڪرڻ سبب آندل ٻوڏ آهي جيڪي ٻوڏون اڃا تائين برقرار آهن ۽ ضلعي جا ڪيترائي علائقا توڙي ٻنيون ٻارا لاڳيتو چئن مھينن کان پاڻي ھيٺ آهن، اسان تمام وڏي تباهي ڀوڳي رهيا آهيون. ٻاھرين ضلعن کان ٻوڏ جو پاڻي اسان ڏانهن موڪلڻ ڪري سمورو آبپاشي نظام تباهه ڪيو ويو آهي. کيرٿر ڪئنال، سيف الله مگسي برانچ ۽ ٻين شاخن کي لڳايل ڪٽ اڃا تائين ھلندڙ آهن. ھنن چيو ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ ۽ بيمارين سبب ايتريون گهڻيون فوتگيون ٿيون آهن جيتريون ٻين مھاڀاري جنگ ۾ به نه ٿيون ھيون. ھنن چيو ته ضلعي ۾ روڊن جي ٽٽڻ ۽ ڪٽ لڳائڻ ڪري مختلف حادثن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ھنن چيو ته فوري طور ضلعي ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي ٻين ضلعن کان پاڻي جي ٿيندڙ ڇوڙ کي بند ڪرايو وڃي. ڪئنالن، برانچن توڙي شاخن مان ڇوڙ وارو پاڻي ختم ڪرائي انھن کي لڳل سمورا ڪٽ بند ڪرايا وڃن. جن علائقن مان پاڻي نڪري چڪو آهي انهن کي ڪڻڪ جي فصل جي پوکي لاءِ ٻج جي رقم فراھم ڪئي وڃي ۽ امدادي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ غير سرڪاري تنظيمن ۽ ادارن کي بنا ڪنهن رنڊڪن جي اجازت ناما جاري ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج کي جاري رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button