سنڌ

ڪشمور ۽ بخشاپور وٽان 3 ڄڻا اغوا،مغوين جو انگ 7 ٿي ويو

ڪشمور ۽ بخشاپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا. مغوين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ڪشمور ويجھو پنجاب جي علائقي شاھوالي مان مبينا طور ھٿياربندن گذريل رات دير سان ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو. اڻڄاتل هٿياربندن وستي پنجابي ويجهو ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا. مبينا طور اغوا ٿيلن ۾ ذيشان حيدر لکاني ۽ ٽيڪسي ڊرائيور محمد اقبال چانڊيو شامل آھن. جڏھن ته ڏوھاري ڪار کي روڊ تي ڇڏي ھليا ويا. پنجاب پوليس ھن وقت تائين مغوين جو پتو نه لڳائي سگھي. پوليس جو چوڻ آھي ته مختلف ھنڌن تي ناڪابندي ڪئي وئي آھي. ٻئي طرف بخشاپور جي ڳوٺ لڪائو خان بنگوار ۾ گذريل رات مڇي فارم جي چوڪيدار غلام رسول ميراڻي کي هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ جي ايس ايڇ او بخشاپور عبدالقادر چانڊيو جو چوڻ هو ته مغوي غلام رسول ميراڻي غوثپور جو رهواسي آهي جيڪو ڳوٺ لڪائو بنگوار ۾ مڇي جي فارم تي چوڪيداري ڪندو هو، جتان کين اغوا ڪيو ويو آهي. اهڙي قسم جو اطلاع ملڻ بعد پوليس ڪچي طرف رواني ٿي وئي. ٻي پاسي 3 ڏينهن اڳ ديرا اسماعيل خان جي رهواسي ٽن ڄڻن مهربان ڊار فخر ڊار ۽ عدنان ڊار کي اغوا ڪار ٽولي دوکي سان گهرائي هڪ ڄڻي عدنان ڊار کي مياڻي ٿاڻي جي حد گنڍير موڙ وٽ گوليون هڻي قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ويا ۽ ٻن ڄڻ کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا. جڏهن ته 20 ڏينهن اڳ بڊاڻي ويجهو ڳوٺ پيربخش مزاري جي رهواسين ٻن ڄڻن صاحب علي مزاري ۽ ارسلان مزاري کي به هٿياربند اغوا ڪري فرار ٿي ويا هئا، جيڪي هن وقت تائين ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهن. مغوين جي وارثن آ جي سنڌ، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button