سنڌ

رتوديرو ۾ قتل ۾ ملوث ڄاڻائي گرفتار نوجوان جي وارثن جو احتجاج

رتيديري ۾ 19 ڏينهن اڳ جنرل بس اسٽينڊ تي هٿياربندن هٿان قتل ڪيل پورهيت عاشق حسين ويسر جي قتل ۾ ملوث ڄاڻائي گرفتار ڪيل جوابدار عرفان پٽ نبي بخش ويسر جي وارث عورتن پاڪ ڪتاب کڻي رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي زريت خاتون، ام ليليٰ، بدر النساءِ، فوزيه، عاصمه ۽ مديحه ويسر دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي عاشق ويسر جي قتل ڪيس ۾ پوليس بيگناهه گرفتار ڪيو آهي. هنن چيو ته پوليس نوجوان کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي زبردستي ان کان خون ڪرڻ جو بيان ورتو آهي جڏهن ته اسان جو نوجوان قتل ۾ ملوث ناهي پر اهو بيگناهه آهي. هنن چيو ته رتوديرو پوليس اسان مسڪينن سان ناحق ڪري رهي آهي عرفان سولر پليٽون لڳائڻ جو ڪم ڪري مزدوري ڪندو آهي. جنهن مان گھر جو خرچ هلائيندو آهي. هنن چيو ته پوليس رشوت وٺي هن مٿان ايترو ته تشدد ڪيو آهي جو هن جو هاڻي دماغ به ڪم نٿو ڪري ۽ هو چريو ٿي آهي. قتل جهڙي مسئلي ۾ اسان کي هروڀرو بيگناهه ملوث ڪري اسان سان ظلم ڪيو پيو وڃي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته واقعي جي صحيح نموني سان جاچ ڪري عاشق ويسر جي قتل ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button