سنڌ

وارهه جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڪمشنر ۽ ڊي سي پهچي ويا

وارهه جي مختلف ڳوٺن مان اڃا تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. ڪمشنر، ڊي سي ۽ آبپاشي عملدارن پهچي عملي کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. ڳوٺاڻن جي شڪايتن تي ڪمشنر لاڙڪاڻُ گهنور خان لغاري، ڊي سي قمبر سليم الله اوڍو، واپڊا اسڪارپ انجنيئر طارق ابڙو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ساڻ ڪري پاڻي نيڪال لا جائزو ورتو. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻي ڳالهائيندي چيو ته برساتي ٻوڏ سبب نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي پر ڳوٺاڻن کي رليف ڏيارڻ لا ترجيحي بنيادن تي بيٺل پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائڻ لا آبپاشي ۽ واپڊا اسڪارپ کاتي جي عملدارن کي پابند ڪيو آهي. ڪمشنر چيو ته عالمي ۽ ڏيهي سماجي تنظيمن کي متاثر ماڻهن جي صحت، کاڌ خوراڪ سميت بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لا بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڪم ڪرڻ ڏنو ويو آهي. آخر ۾ ڪمشنر آبپاشي عملدارن، واپڊا اسڪارپ ۽ روڊس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته برساتي ٻوڏ واري پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لا روڊن کي ڪٽ هڻي، منجهن پائيپ لڳائي رستا بحال ڪري پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن ڳوٺاڻا زمينن ۾ فصل پوکي سگهن. لاڙڪاڻو ڪمشنر گهنور خان لغاري سميت ڪيترائي لاڳاپيل آفيسر، علائقي جا معزز ماڻهو ۽ صحافي گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button