سنڌ

ڏوڪري ۾ قومي رضاڪار فورس پاران پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج

پاڪستان قومي رضا ڪار فورس پاران نوڪري تي بحالي ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پي ڪيو آر فورس جي انسپيڪٽر قاضي شبير احمد جوڻيجو، قربان علي ٻگهيو، عاشق قريشي، علي ڏنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ڀٽائي بازار تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ملازمن دانهيندي چيو ته ڪافي عرصي کان وٺي پراڻا رضا ڪار فورس جا ملازم آهيون، هن وقت تائين پگهارون نه ڏنيون ويون آهن، هن وقت تائين اسان بيروزگار آهيون، پگهارون جاري نه ٿيڻ ڪري ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن. اختياريون نوٽيس وٺي فوري طور تي نوٽيفيڪش جاري ڪري پي ڪيو آر فورس ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button