سنڌ

وڳڻ جو رهواسي نوجوان دبئي ۾ ڦر مزاحمت تي قتل

وڳڻ جو رھواسي ڪجهه مھينا اڳ روزگار جي سلسلي ۾ دبئي ويو ھو، جيڪو دبئي ۾ قتل ٿي ويو. معلوم ٿيو آهي ته نوجوان پرويز علي ولد محمد حسين مغيري دبئي ۾ آفريڪين هٿان قتل ٿي ويو. ان سلسلي ۾ نوجوان جي وارثن جو چوڻ ھو تـ چار مھينا اڳ پرويز علي روزگار سانگي دبئي آزاد ويزا تي ويل ھو. گذريل رات پرويز پنھنجي مامي سميت رھائشگاهه اڳيان بيٺو ھو ته چئن آفريڪين کانئن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن ڇريون هڻي پرويز کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس مامو سخت زخمي ٿي پيو. جڏهن ته واقعي بعد ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان دبئي حڪومت ۽ وزيراعظم، آرمي چيف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي اپيل ٿا ڪريون ته نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button