پاڪستانسنڌ

عمران خان جو پنڊيءَ کان مطالبو ٻيهر سليڪٽ ٿيڻ لاءِ آهي:بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي ساک کي بچائڻ لاءِ جيڪو شو ڪيو، اهو مايوس ڪندڙ هو. تحريڪ انصاف جي راولپنڊي جلسي تي ردعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ انقلابي ميڙ کي گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سربراهن جي مقرري جي عمل کي ناڪام نه ڪري سگهي، مايوس ٿي پي ٽي آءِ استعيفائن جو ڊرامو ڪيو آهي هن چيو ته عمران خان جو پنڊي کان مطالبو آزادي لاءِ نه پر ٻيهر سليڪٽ ٿيڻ لاءِ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button