سنڌ

عمران خان اليڪشن تاريخ وٺڻ آيو ۽ استعيفيٰ جو اعلان ڪري ويو:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته تمام جلد ڪراچي کان جديد، سستي ۽ ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن کي سنڌ جي ٻين وڏن شهرن تائين پڻ وڌايو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ان منصوبي تي سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، ان کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي، ڇو ته اوبر ۽ ٻيون ٽيڪسي سروس عوام کي تمام گھڻيون مهانگيون پون ٿيون، اسان جي ڪوشش آهي ته شهرين کي سستي ٽيڪسي سروس مهيا ڪريون. هن اهڙو اعلان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان هلندڙ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جي ڪم جي جائزي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سمورن منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ڪراچي جو ٽرانسپورٽ جو پراڻو مسئلو حل ٿي سگهي. ھن چيو ته عوام جو حق آهي، ته انهن کي بهترين ٽرانسپورٽ سروس ملي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ اربين روپين جي لاڳت سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي منصوبن تي ڪم هلندڙ آهي، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهي آهي ته شهر ۾ بسن جو انگ وڌايو وڃي ۽ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر کي پڻ بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته ملير هالٽ کان يونيورسٽي روڊ- نمائش چورنگي تائين 22 ڪلوميٽرن جو ڪوريڊور بڻايو پيو وڃي، هي پاڪستان جو پهريون منصوبو آهي، جنهن کي بايو گيس تي هلايو ويندو. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پهرين بايو گيس پلانٽ جي تعمير جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پهرين اليڪٽرڪ بس سروس هتي شروع ڪئي وئي ۽ هاڻي ماحول دوست بايو گيس تي هلندڙ بي آر ٽي ريڊ لائين تي ڪم هلندڙ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ کاتي پاران اورينج لائن ۽ پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي آهي. جلد ئي عوام لاءِ اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪئي ويندي. جڏهن ته عالمي بئنڪ جي سهڪار سان ييلو لائين منصوبي تي ڪم آخري مرحلن ۾ آهي، جنهن جي تعمير جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته دنيا جي سمورن وڏن شهرن ۾ بي آر ٽي سروس سميت جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڪراچي ۾ سمورن منصوبن تي هلندڙ ڪم جلد مڪمل ٿئي، جنهن سان شهر جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي تمام پراڻو منصوبو آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي ڪوششن سان هن منصوبي کي سي پيڪ منصوبن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملير ڪنٽونمينٽ بورڊ سميت سمورن وفاقي ادارن ريڊ لائين منصوبي جي اونرشپ ورتي آهي ۽ منصوبي ۾ مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جي ڪوريڊور ۾ سموريون حددخليون ختم ڪيون وينديون. ڪراچي انتظاميا کي 7 ڏينهن ۾ ريڊ لائين پروجيڪٽ جي ڪوريڊور ۾ ايندڙ حددخلين کي هٽائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. عمران خان جي اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ تي هن چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ واريون ڳالهيون عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي سازش آهي، ڪالهه عمران خان اليڪشن جي تاريخ وٺڻ لاءِ آيو ھو يا استعيفيٰ ڏيڻ آيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن استعيفيٰ ڏيڻي آهي ته پوءِ عمران خان کي جرئت ڪرڻ گهرجي، استعيفيٰ ڏيڻ جي شروعات صدر عارف علوي کان ڪري ۽ کيس آڄ ئي ( آچر) تي کائنس استعيفيٰ ڏياري. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ساڍي 3 سالن جي دور حڪومت ۾ عوام جي سهولت لاءِ هڪ به منصوبو نه ڏنو، رڳو سياسي مخالفن کي دٻائڻ ۾ سڄو وقت ضايع ڪيو. هاڻي هو چاهي ٿو ته موجوده اتحادي حڪومت به ڪم نه ڪري. هن چيو ته عمران خان جي ون پوائنٽ ايجنڊا آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح پاڪستان کي نقصان پهچائي. ڪالهوڪي جلسي ۾ ٻيھر ھنن ادارن کي نشانو بڻايو آهي، عمران خان جو اھو سياست ڪرڻ جو انداز پاڪستان لاءِ سٺو ناهي. هن چيو ته عمران خان جي سياست جو اهو انداز سندس ناڪامي جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي. هن چيو ته موجوده حڪمران اتحاد پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکندو. هن چيو ته عمران خان جي ڪالهه وارو جلسو ڪارنر ميٽنگ هئي، سڄي پاڪستان مان ماڻهن کي دعوت ڏني وئي پر هڪ روڊ به نه ڀري سگهيا. هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جو عمران خان جيل جي سلاخن جي پويان هجي ۽ خبرون اچي رهيون آهن ته اڊيالا جيل جا ڪمرا صاف ڪيا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرويز الاهي سياڻو وزير اعلیيٰ آهي، کيس اقتدار قسمت سان ملندو آهي. ھن ڀيري پرويز الاهي حادثاتي طور سان پنجاب جو وڏو وزير بڻجي ويو آهي، هو عمران خان جهڙي بيوقوف جي چوڻ تي ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندو. هن چيو ته عمران خان جا پنهنجا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز عمران خان جي استعيفيٰ ڏيڻ تي راضي نه ٿيندا. عمران خان قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر ڪجهه مهينن کانپوءِ لياري ۽ جيڪب آباد مان سندس چونڊيل ايم اين ايز يو ٽرن ورتو ۽ چيو ته هنن استعيفيٰ ناهي ڏني. صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ کي ان طريقي سان ميدان مان ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، پنھنجي قيادت جي ويزن موجب کين جلد هٽايو ويندو. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جناح ايونيو تي جاري ريڊ لائين جي ڪم جو جائزو ورتو ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ پڻ ساڻس گڏ هئا. ٽرانس ڪراچي جي سي اي او واصف اجلال صوبائي وزير کي پروجيڪٽ تي ڪم جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button