سنڌ

بلاول ڀٽو کي يوم تاسيس جي جلسي بابت بريفنگ

پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي قيادت پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي آهي ۽ يوم تاسيس جي موقعي تي جلسي جي انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي آهي. پ پ پ ٽوئيٽر تان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني سان گڏ ملاقات ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پ پ پ سنڌ جي قيادت يوم تاسيس جي جلسي جي انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني، واضح رهي ته پيپلزپارٽي 30 نومبر تي نشتر پارڪ ۾ جلسي جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته صوبي جي ٻين ڊويزنن ۾ پڻ يوم تاسيس جي موقعي تي جلسا منعقد ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button