سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي واسين جو بااثر ماڻهن جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ مولڻ شاهه جي رهواسين بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ثابت علي شاهه، غلام رضا شاهه، امير علي شاهه، غلام شبير شاهه، اختيار علي شاهه ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته بااثر عبدالجبار شيخ، معشوق شيخ، منور شيخ، محبت ۽ ٻيا مائٽ 1988 کان اسان جي 18 ويسا پلاٽ تي قبضو ڪرڻ بعد هاڻي اتي فصل جو وليون رکي ٿريشر هلائي رهيا آهن جتي دز ۽ مٽي ڪري اسان تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون انهن خلاف ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي توڙي معززين کي شڪايت ڪئي بعد ۾ انهن وليون نه رکڻ جي خاطري ڪرائي پر هينئر هو وليون رکي اسان کي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان 111 سالن کان ڳوٺ ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺا آهيون ۽ اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي پر ان باوجود بااثر مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهيا آهن. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button