سنڌ

لاڙڪاڻي واسي استاد جو ڏوڪري بدلي ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي نظر محلي واسي استاد رليو ۽ جوائننگ نه ڏيڻ خلاف 22 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي سينيئر استاد محمد علي ابڙو، علي گل چانڊيو، ارشاد تونيو، استادن عاشق مگسي، گل، گل حسن چانڊيو، حاڪم ميراڻي، محمد اياز شيخ، مختيار زنگيجو، علي ڏنو چانڊيو، عبدالرشید ڪلهوڙو، ذوالفقار بليدي، نادر ابڙو، خادم گهانگهرو، عرفان علي، سجاد ميمڻ ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور 31 سال ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ کانپوءِ هڪ سال اڳ ايس ايڇ ٽي طور پروموشن ڏنو ويو، پر مون کي شهر کان گهڻو پري ڏوڪري جي ڪچي واري علائقي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪاراڻي ۾ مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد روزانو موٽرسائيڪل تي 100 ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري اسڪول ايندو ۽ ويندو آهيان، 8 مهينا ڊيوٽي بعد مشڪلاتن سبب سيڪريٽري تعليم سان ملي باقراڻي جي مڏباهو ھاءِ اسڪول ۾ بدلي جو آرڊر وٺي آيس پر مڏباهو جي هيڊ ماستر احمد رضا شاھ مون کي جوائننگ نه ڏني ۽ هاءِ اسڪول ڪاراڻي جو هيڊ ماستر شفيق ٻگهيو مون کي رِليوِ نہ پيو ڪري، ڏيڍ مهيني کان رلايو پيو وڃي. ان دوران مان لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ عدالت منهنجي حق ۾ فيصلو ڏيندي مونکي رليو ۽ جوائننگ ڏيڻ جو حڪم ڪيو پر عدالتي حڪم تي به عمل نه پيو ڪيو وڃي، جنهن ڪري مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيو آهيان. هن وڏي وزير ۽ سيڪريٽري کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي رليو ۽ جوائنگ وارو مسئلو حل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button