سنڌ

عنايت عمراڻي جي گرفتاري خلاف پ پ شهيد ڀٽو جا مظاهرا

پ پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي گرفتاري خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظآهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ رتوديرو ۾ پ پ ش ڀ جي اڳواڻ خدا يار سولنگي، جلال احمد ميمڻ، بابر علي عمراڻي، عاشق علي عمراڻي، طارق رحيم کٽياڻ، زاهد علي، شاهنواز، آصف علي، نويد احمد ۽ ٻين رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف مورو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن اصغر عالماڻي، حاجي خان سمون، فدا حسين چنڊ، سڪندر چنڊ، ممتاز ڀٽو، لعل بخش چانڊيو، جگري ماڇي ۽ ٻين مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف ميرپورخاص ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ذوالفقار رمداڻ، ڀاڳو مل ميگھواڙ، صديق سميجو، محمد بخش ڪپري ۽ ٻين ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته مهينو اڳ عنايت عمراڻي جي 18 ورهين جي ڀائٽي کي رات جي وقت گهر اندر نانگ ڪکيو جنهن کي لاڙڪاڻي اسپتال آندو ويو جتي صحيح علاج نه ٿيڻ سبب نياڻي تڙپي ترپي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. نياڻي جي فوت ٿيڻ بعد شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن پرامن احتجاج ڪيو جنهن تي ايم ايس لاڙڪاڻي حڪمرانن جي ونگار وهندي عنايت عمراڻي ۽ ڪارڪنن مٿان 3 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايم ايس گلزار تنيو ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽرن مٿان ڪيس داخل ڪري کين قانوني ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جڏهن ته پ پ ش ڀ اڳواڻ عنايت عمراڻي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button