سنڌ

امن امان پهرين ترجيح، سنڌ ۾ ڪو نوگو ايريا نه آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته امن امان قائم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، گهوٽڪي ۾ پوليس مغوين کي ڇڏائڻ وئي هئي، جتي ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ 5 پوليس آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا. هن اها ڳالهه سومر تي سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي ميمبمر نندڪمار گوڪلاڻي جي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چئي. نندڪمار جو چوڻ هو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي. صوبي ۾ امن امان جي مد ۾ سرڪاري خزاني مان ساليانو 120 ارب رپيا خرچ ٿي رهيا آهن پر پوءِ به حالتون خراب آهن. مراد علي شاهه چيو ته پوليس وارن کي شهيد ڪرڻ ۾ ملوث هڪ ڏوهاري کي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. سنڌ پوليس ڌاڙيلن کي چٿڻ لاءِ وڏي بهادري سان ڪم ڪري رهي آهي، گذريل سوا سال دوران شڪارپور ۾ 29 ڌاڙيلن کي ماريو ويو، شڪارپور ۾ 63 مغوي بازياب ٿيا. ڪشمور ۾ 23 ڌاڙيلن کي پوليس ماري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير ياد ڏياريو ته 2007 ۾ سکر کان لکي شڪارپور تائين وڃڻ لاءِ آرمي اسڪارٽ جي ضرورت پوندي هئي پر هاڻي سنڌ ۾ ڪٿي به نوگوايريا نه آهي، ايوان جي ڪارروائي دوران پي ٽي آئي جي ميمبر ڊاڪٽر عمران علي شاهه مٽياري ميگا ڪرپشن اسڪينڊل بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ چاهيو پر اسپيڪر ان حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، مٽياري ڪرپشن اسڪينڊل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي خلاف پي ٽي آئي جي ميمبرن احتجاج طور ايوان مان واڪ آئوٽ به ڪيو. ان کان اڳ اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ڌيان ڇڪايو نوٽيس لاءِ قائدن تحت 30 منٽ رکيل آهن، هي وقت مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن تي عمران علي شاهه چيو ته مٽياري ۾ سرڪاري رقم ۾ خردبرد سنگين ۽ اهم معاملو آهي، جڏهن ته اسپيڪر چيو ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو وقت گذري چڪو آهي. هاڻي ان کي پيش نٿو ڪري سگهجي. سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ سومر تي ايوان جي ڪارروائي دوران ميمبرن جي مختلف ڌيان ڇڪايو نوٽيسز تي بحث ٿيو. تحريڪ لبيڪ جي مفتي قاسم فخري سرڪاري اسڪولن ۾ عربي ٽيچر نه هجڻ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ميوزڪ ٽيچر ته ڀرتي ٿي رهيا آهن پر سرڪاري اسڪولن ۾ عربي جا ٽيچر موجود نه آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ميوزڪ ٽيچرز جي ڀرتي روڪي وڃي. هن چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ 40 هزار استاد گوسڙو آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد سردار شاهه ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو ته هن وقت ميوزڪ ٽيچر جي ڀرتي تي بحث هلي رهيو آهي. جيتوڻيڪ موسقي صرف نچڻ ۽ ڳائڻ جو نالو نه آهي. هن چيو ته پهريان اسڪول ۾ بينڊ ماسٽر هئا، ڪڏهن به اعتراض نه ٿيو. سردار شاهه چيو ته اهو ڇو سمجهي ورتو ته ميوزيشن فقط فحاشي ڦهلائيندو. هن چيو ته ميوزڪ شاگردن جي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪري ٿي. هن چيو ته ماڻهن کي پهريان سٺو انسان بنائڻ جي ضرورت آهي، جنهن کان پوءِ اهي پاڻمرادو سٺا مسلمان بڻجي ويندا. تعليم واري وزير چيو ته ٽئين کان اٺين ڪلاس تائين ناظره قرآن پڙهايو وڃي ٿو. عربي ٽيچرز جون 480 جڳهون اسڪولن ۾ خالي آهن، جيڪي ڀريون وينديون. ايوان جي ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي رعنا انصار ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي سوالن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته ٽيسٽ ۾ سليبس کان علاوه سوال ڏنا ويا، جنهن تي صحت جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل چيو ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ 8 گريس مارڪس ڏنيون ويون آهن، جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري جي منجهند تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button