سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جو ساهرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي معظم ڪالوني واسي نوجوان ٻارڙن جي واپسي ۽ ساهرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان عرفان چانڊيو دانهيو ته 8 سال اڳ شادي نسيم ڌيءَ عبدالحميد مغيري سان ٿي هئي جنهن مان چئن ٻارن جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته بااثر مير جان چانڊيو گذريل 11 نومبر جي رات ٽن هٿياربند ساٿين سان گڏجي گهر ۾ گهڙي مون کي بيھوش ڪري هٿيارن جي زور تي گھرواري نسيم خاتون، 7 ورهين جي ڌيءَ زينب، 6 ورهين جي مريم، 3 ورهين جي آمنه ۽ اڍائي ورهين جي پٽ يوسف کي اغوا ڪري ويو. مون اهڙي شڪايت سهري عبدالحميد مغيري کي ڪئي جنهن مون سميت منهنجي ڀاءُ وقار چانڊيو مٿان گهر واري ۽ ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جو الزام لڳائي وليد پوليس هٿان گرفتار ڪرائي لاڪپ ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته واقعي جي ٽن ڏينهن بعد بااثر ظفر مغيري معرفت گهرواري ۽ ٻارڙن کي بااثر سندس والد عبدالحميد جي گهر ڇڏي ويو. هن الزام لڳايو ته تازو ٽي ڏينهن اڳ ظفر مغيري ٻڌايو ته منهنجي گهرواري مير جان چانڊيو سان عدالت معرفت شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري هاڻي گهرواري سان ڪو واسطو ناهي. سهري عبدالحميد مغيري منهنجي 7 لک ۾ خريديل جڳهه تي قبضو ڪري ٻارن کي قيد ڪري ڇڏيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ساهرن خلاف ڪارروائي ڪري ٻارڙن کي واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button