سنڌ

شڪارپور ۾ بدامني وڌڻ بعد ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي تياري، 50 جوان پهچي ويا

شڪارپور ضلعي ۾ بدامني وڌڻ ۽ امن امان خراب ٿيڻ بعد ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف وڏي آپريشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون. آر آر ايف جا 50 جوان هٿيارن سان ڪچي جي ڳڙهي تيغو پوليس پڪٽن تي پهچي ويا. سنڌ حڪومت جي هدايتن تي آئي جي سنڌ پاران شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن جي ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ واري اعلان بعد خانپور تعلقي جي ڪچي ۾ قائم پوليس پڪٽن تي پوليس نفري مقرر ڪرڻ لا ڪراچي کان آر آر ايف جا 50 کان وڌيڪ جوان خانپور تعلقي جي ڪچي واري علائقي ڳڙھي تيغو پوليس پڪٽ تي پهچي ويا، جيڪي مختلف پوليس پڪٽن تي مقرر ڪري ڏوهارين خلاف جديد اسلحي سان گڏ آپريشن ڪندا. ان حوالي سان ايس ايس پي شڪارپور فيضان علي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تي آئي جي سنڌ پاران شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف وڏي پئماني تي آپريشن ڪيو ويندو. هن چيو ته آر آر ايف جا جوان ڪچي ۾ آپريشن ۾ حصو وٺندا. ايس ايس پي شڪارپور جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ماضي ۾ جيڪا پوليس جي ڪچي ۾ آپريشن ٿيا آھن اهي ڪامياب نه ٿيڻ جو سبب پلاننگ نه هجڻ ڪري ٿيا آھن. هن آپريشن ۾ جديد هٿيارين سان ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو ويندو. ڌاڙيلن لا اهو پيغام آھي ته هو پوليس وٽ پيش ٿي ڪيسن سان منهن ڏين. ٻي صورت ۾ ڌاڙيلن کي بخش نه ڪبو. واضح رهي ته خانپور جي ڪچي واري علائقي ڳڙھي تيغو ۾ ڌاڙيلن خلاف ٿيل آپريشن ۾ هميشه پوليس جا آفيسر ۽ عملدار شھيد ٿيا آھن ۽ پوليس جو ئي نقصان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button