سنڌ

ڪشمور جي ڪچي ۾ پوليس جي ڪارروائي، 3 مغوي بازياب

ڪشمور جي ڪچي واري علائقي گهيلپور ٿاڻي جي حد ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي، ان ودران هٿياربندن ۽ پوليس ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي، جنهن دوران هٿياربند ٽن مغوين کي ڇڏي ڪچي واري علائقي ڏانهن فرار ٿي ويا. ٽي مغوين کي ڪشمور ٿاڻي تي آندو ويو. ايس ايڇ او ڪشمور اقتدار جتوئي ڳالهائيندي چيو ته ڳجهي اطلاع ملڻ تي مغوين جي بازيابي لاءِ گيھلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو. هٿياربندن ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو، هٿيار بند مغوين کي ڇڏي ڪچي واري علائقي ۾ فرار ٿي ويا. مغوين ۾ لال بخش اوڳاهي، خليل اوڳاهي ۽ انور اوڳاهي کي بازياب ڪرايو آهي. انهي ٽنهي مغوين کي هڪ ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو. ٻئي طرف اوڳاهي برادري جي ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڊکڻ بنگلو انڊس هاءِ وي تي جمال الدين اوڳاهي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو هو. ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون هيون. ڌرڻي ۾ موجود ماڻهن ڪشمور پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. پوليس ٽنهي مغوين کي بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو. ٻئي طرف ٽنهي مغوين جي بازيابي بعد اوڳاهي برادري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button