سنڌ

اسان جو هر فيصلو جمهوريت جي بقا لاءِ هوندو آهي:آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي پارٽي جي انهن هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو، جن پنهنجي نظريي تي ثابت قدم رهندي شهادت ماڻي ۽ انهن جيالن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، جن پنهنجي زندگي پارٽي لاءِ ارپي ڇڏي. پيپلز پارٽي پارليمينٽرينز جي صدر چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٽن آمرن کي شڪست ڏئي جمهوريت کي فتح ڪيو. هن چيو ته عوام جي جان ڪيئن قربان ڪئي وڃي ٿي، اهو حوصلو صرف پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جو ورثو آهي، ڪوئي شڪ نه آهي ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن به بي مثال آهن. آصف زرداري چيو ته قائد عوام ذوالفقارعلي ڀٽو شهيد به جهڪي زندگي گذاري پئي سگهيو پر هن تاريخ جي هٿان مرڻ پسند نه ڪيو ۽ هو فخر وچان سولي تي چڙهي ويو ۽ تاريخ بڻجي ويو. آصف زرداري چيو ته سرخ سلام آهي، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو کي جنهن ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو پر ڪڏهن به هار نه مڃي. آصف زرداري محترمه بينظير شهيد هڪ ڇوڪري هوندي اقتدار تي قابض هڪ وحشي ۽ سفاڪ ٽولي جي مزاحمت ڪئي ۽ هو هٿين خالي هئي پر ان جي جمهوري جدوجهد طاقتور آمرن جا ڀت ڊاهي وڌا. آصف زرداري چيو ته اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جو قبرستان شهيدن سان آباد آهي پر انهن جي قاتلن جو ڪوئي نالو نشان نه آهي. آصف زرداري چيو ته دنيا کي اڄ به قائد عوام ذوالفقارعلي ڀٽو شهيد ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد آهي پر کين سياسي منظر تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي ڪوئي نٿو سڃاڻي. اڳوڻي صدر چيو ته اسان قائد عوام ذوالفقارعلي ڀٽو شهيد ۽ محترمه بينظير ڀٽو جا سياسي پوئلڳ آهيون، اسان ۾ ۽ اسان جي مخالفن ۾ هڪ فرق آهي، اسان جمهوريت کي مقدم سمجهون ٿا ۽ اسان جو هر فيصلو جمهوريت جي بقا لاءِ هوندو آهي. آصف زرداري چيو ته اسان کي پختو يقين آهي ته سياسي جنت عوام جي پيرن ۾ آهي. آصف زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو چوندي هئي ته منهنجي دل ان وقت تڪليف محسوس ڪري ٿي جڏهن مان پنهنجي ملڪ جي ٻارڙن کي گند جي ڍير تان رزق تلاش ڪندي ڏسان ٿي. مان شهيد بي بي جي اها ڳڻتي ڪڏهن به وساري نٿو سگهان. آصف زرداري چيو ته ايندڙ وقت منهنجي وطن جي انهن ٻارڙن جي بهترين مستقبل جو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جو نوجوان بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي عظيم ماءُ جو خواب پورو ڪندو، جيڪو ان جو منشور آهي. آصف علي زرداري نوجوانن کي چيو ته هو پيپلزپارٽي جي نوجوان چيئرمين جي قافلي ۾ شريڪ ٿي ان جا هٿ مضبوط ڪن ۽ ان جي قافلي ۾ شامل ٿي وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button