سنڌ

ميرو خان تعلقي اسپتال جي ايمبولينس خراب، دوائن جي کوٽ سبب عوام پريشان

ميرو خان تعلقي اسپتال جي ايمبولينس ٻن مهينن کان خراب هجڻ ڪري زخمي ٿيل ماڻهن ۽ لاشن کي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ پرائيويٽ گاڏين ۾ آندو وڃي ٿو. هر روز 300 کان وڌيڪ مريضن جي او پي ڊي رکندڙ اسپتال سهولتن جي کوٽ سبب عوام کي گهربل لاڀ نه ڏئي سگهي. ميرو خان قائم ٻن تعلقن ميرو خان ۽ سجاول جوڻيجو جي وڏي سرڪاري اسپتال صحت کاتي جي اختيارين ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب مسئلن جو شڪار ٿي وئي. سرڪاري اسپتال کي مليل هڪ ئي ايمبولينس گذريل ٻن مهينن کان خراب ۽ ناڪاره حالت ۾ بيٺل هجڻ ڪري جهيڙن، روڊ حادثن سميت مختلف واقعن توڙي ايمرجنسي واري صورتحال ۾ قتل ۽ فوت ٿيندڙن جي لاشن ۽ زخمين کي ايمبولينس نه ملڻ ڪري ٽريڪٽر ٽرالي، مزدا ۽ ٻين پرائيوٽ گاڏين وسيلي اسپتال آندو ۽ نيو وڃي ٿو، جنهن ڪري بروقت اسپتال نه پهچڻ ڪري زخمي ۽ نازڪ حالت وارا مريض رستي ۾ ئي دم ڏيو ڇڏين. ٻئي طرف سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي. ان حوالي سان شهرين واحد چنو، نادر مستوئي، منير لاشاري، شعيب چنو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته تعلقه اسپتال ۾ هر روز 300 کان وڌيڪ مريض مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان ڀاڙا ڀري علاج وٺڻ لاءِ اچن ٿا پر اسپتال ۾ پيناڊال جي ٽِڪي به موجود ناهي ۽ سرڪاري اسپتال ۾ ويٺل ڊاڪٽر مريضن جي چڪاس کانپوءِ دوائون لکي پرائيوٽ اسٽور کان وٺڻ لاءِ چون ٿا. شهرين جو چوڻ هو ته هڪ پاسي ٻوڏ سبب عوام جو جاني توڙي مالي نقصان ٿيو آهي جنهن ڪري هر خاندان خساري سبب معاشي بدحالي ڪري پريشان آهي ۽ برسات کانپوءِ بيماريون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن پر علاج لاءِ سرڪار پاران قائم ڪيل اسپتال ۾ ايمبولينس ۽ دوائن سميت اهم بنيادي سهولتون به موجود ناهن. هنن صحت اختيارين کان مطالبو ڪيو ته تعلقه اسپتال کي نئين ايمبولينس ڏيڻ سان گڏ دوائون پڻ هنگامي بنيادن تي ڏنيون وڃن ته جئين غريب عوام مفت ۾ صحت سهولتن مان فائدو وٺي جانيون بچائي سگهي. رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر غلام عباس ڪهيري ٻڌايو ته ايمبولينس پراڻي آهي جنهن جي مرمت تي ساڍا چار لک خرچ اچي ٿو، ان کان علاوہ مرمتي سامان به نٿو ملي، جنهن ڪري نئين ايمبولينس ڏيڻ لاءِ ڊي ايڇ او قمبر شهدادڪوٽ، ڊائريڪٽر ۽ ڊي جي هيلٿ کي لکت ۾ ليٽر موڪليا آهن ان کان علاوه تڪ جي ايم پي اي گهنور اسراڻ ۽ ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ کي پڻ آگاهه ڪيو آهي پر هن وقت تائين مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته اسپتال ۾ دوائون موجود هيون پر برساتن دوران هر روز علاج لا ايندڙ سوين مريضن کان علاوه مختلف ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳائي عوام کي گهر ويٺي صحت سهولتون مهيا ڪيون، جنهن ڪري دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. جنهن بابت اختيارين کي آگاهي ڏني آهي. ڊسمبر جي آخر تائين دوائون اچي وينديون.
ميرو خان اسپتال/ دوائن جي کوٽ

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button