سنڌ

چڪ جي ٽن مغوين جي بازيابي لائي پوليس جو آپريشن، 5 ڄڻا گرفتار

چڪ ويجهو چڪ ٿاڻي جي حد محمدآباغ جي ڪچي مان زمين کي پاڻي ڏيندي 12 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ڳوٺ مبارڪپور سومرو (منهن) جا رهواسي طاهر سومرو ۽ حماد الله سومرو بازياب نه ٿي سگهيا. ٻئي طرف چڪ بچا بند تي ويٺل ماڙيچا برادري جو نوجوان دلاور ماڙيچو عورتاڻي آواز تان 2 مهينا اڳ هرکجي اغوا ٿي ويو، جيڪو پڻ ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهي سندس جي وارثن کان 10 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو. ،ٻئي طرف سومرا برادري جي ٻن ڄڻن طاهر سومرو ۽ حماد الله سومرو جي بازيابي لا ايس ايس پي شڪارپور ريٽائرڊ ڪيپٽن فيضان علي جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس اي پي سي چين ۽ بڪتربند گاڏيون ساڻ ڪري ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌڻي بخش ڪوش تي چڙهائي ڪري ،گهرن ۾ سرچ آپريشن ڪيو پر مغوي هٿ نه اچي سگهيا. پوليس گلنواز، علي نواز،ميرل، مولابخش ۽ راضي ڪوش کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف سومرا برادري جي 2 مغوين جي وارثن ايس ايس پي آفيس شڪارپور اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف وارثن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button