سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قمبر واسي پيرسن جوڙي جو بااثر ناٺي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ قمبر شهر جي گئو شالا پاڙي واسي پيرسن زال مڙس پاڪ ڪتاب کڻي بااثر ناٺي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن الهورايو گوپانگ پنهنجي گهر واري زرينا سان گڏجي دانهيو ته ڪجهه عرصو اڳ ڌيءَ صفيه جي شادي ڀائيٽي عرفان گوپانگ سان ٿي هئي. هن الزام لڳايو ته ناٺي نشو واپرائي، جوا کيڏي ڌيءَ مٿان تشدد ڪندو آهي، جنهن بااثر جي چرچ تي 15 ڏينهن اڳ ڌيءَ صفيه کي ٻارن سميت اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، خبر ناهي ته اهي زنده به آهن يا کين ماريو ويو آهي. جڏهن ته ان جو الزام اسان پيرسن زال مڙس مٿان لڳائي منهنجون 5 مينهون ڪاهي ڀڃ ڊاهه ڪري جڳهه تي قبضو ڪيو ويو آهي. اهڙي دانهن ايس ايس پي قمبر ۽ ايس ايڇ او کي ڏني پر پوليس ناٺي ۽ ٻين خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري ناٺي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي قمبر کي اپيل ڪئي ته ناٺي خلاف ڪاروائي ڪري ڌيءَ ۽ سندس ٻارن کي ظاهر ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button