چڪ ويجهو ٻه هفتا اڳ محمد آباغ جي ڪچي مان اغوا ٿيل 2 نوجوان شاگرد بازياب ٿي گهر پهچي ويا. پوليس ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪندي ڪچي واري علائقي مان نوجوان طاهر ۽ حماد الله سومرو کي بازياب ڪرائي ورتو. چڪ ويجهو 2 هفتا اڳ چڪ ٿاڻي جي حد محمدآباغ جي ڪچي مان زمين کي پاڻي ڏيندي اغوا ٿيل ڳوٺ مبارڪپور سومرو واسي سومرا برادريء جا 2 نوجوان طاهر سومرو ۽ حمادالله سومرو کي چڪ پوليس ڪچي واري علائقي مان مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو. ٻنهي بازياب ٿيل نوجوانن کي ايس ايس پي آفيس شڪارپور آندو ويو، جتان کين وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس پاران ٻڌايو ويو آهي ته چڪ جي ڪچي واري علائقي مان ڌاڙيل ٻنهي مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٻنهي نوجوانن کي بازياب ڪرائي ورتو. جڏهن ته ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ياد رهي ته وارثن 2 ڏينهن اڳ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو هو، جنهن بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي ۽ ٻنهي نوجوانن کي بازياب ڪرائي ورتو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پوليس پاران ڳوٺ عامل ۽ ڳوٺ ڌڻي بخش خروس مان گرفتار ڪيل ماڻهن جي نشاندهي تي ٻنهي نوجوانن کي سندن جي رهائي جي عيوض بازياب ڪرايو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close