سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ حيدر چانڊيو جي رهواسي صحت کاتي جي ملازم نثار احمد چانڊيو پنهنجي پٽ نويد چانڊيو سان گڏ پريس ڪلب ميرو خان پهچي بااثر پوليس اهلڪار احمد خان چانڊيو جي ڏاڍ خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي نثار احمد چانڊيو دانهيدي چيو ته اسان جي ڳوٺ حيدر چانڊيو ۾ 2 ايڪڙ زرعي زمين جو کاتو ۽ قبضو اسان وٽ آهي، اسپيشل ٽيم سجاول جوڻيجو جي انچارج احمد خان چانڊيو وردي جو ناجائز فائدو وٺي ساٿي پوليس اهلڪار ساڻ ڪري زمين تي هلندڙ ڪم بند ڪرائي بدڪلامي ڪئي، موبائل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦري کڻي ويو آهي. هنن چيو ته اهلڪار زوري زمين خريد ڪرڻ چاهي ٿو، نه ڏيڻ تي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close