سنڌ

سنڌي ثقافت محبت ۽ انساني احترام جي ثقافت آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ چيو آهي ته سنڌ، پاڪستان ۽ سڄي دنيا کي عظيم سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو مبارڪ هجي. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌي ثقافت جو ملهائڻ دراصل سنڌ جي انسان دوست ريتن رسمن جي روايتن کي هٿي وٺرائڻ آهي. هن چيو ته سنڌ انساني حقن جي علمبردارن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ لعل شهباز قلندر جي ڌرتي آهي، سنڌي ثقافت ۽ تهذيب، اتحاد، محبت ۽ انساني احترام جي ثقافت آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ثقافت پنهنجي ڌرتي سان جڙيل رھڻ جو نالو آهي، پاڪستان جي ثقافت مختلف ثقافتن جو گلدستو آهي، سنڌي ثقافت انهن ۾ نمايان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button