سنڌ

سنڌ ورهائڻ جي ڪنهن به عمل جي مزاحمت ڪنداسين: جلال شاهه

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي طرفان نون صوبن جي قيام ۽ آئيني ترميمن لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پي ڊي ايم ۽ پيپلزپارٽي پنهنجن اتحادين سان گڏجي سنڌ جي وحدتن ۽ سلامتي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، جنهن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا چارئي صوبا تاريخي وحدتون آهن ۽ قومي وحدتن کي ڪنهن به بنياد تي ورهائي نٿو سگهجي، سنڌ جي وحدت تي وار سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، تاريخي وحدتن کي ورهائڻ پاڪستان کي ٽوڙڻ برابر هوندو. هن چيو ته جڏهن به وفاقي حڪومت ڪمزور ٿيندي آهي ته نون صوبن جو راڳ آلاپيندي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ سان وفا نه ڪئي آهي ۽ هميشه سنڌ کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي، پيپلز پارٽي هميشه اقتدار خاطر سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون ڪيون آهن، هنن ايم ڪيو ايم سان گڏجي ٻٽي نظام ذريعي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش پڻ ڪري چڪي آهي. پر سنڌ جي عوام جي سخت مخالفت سبب کين پنهنجو سنڌ مخالف فيصلو واپس وٺڻو پيو، اڄ ٻيهر پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي کي چتاءُ ٿا ڏيون ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي ۽ پي ڊي ايم جا جيڪي ميمبر ان ڪميٽي جا ميمبر آهن، انهن کي گهرجي ته هو پنهنجو قبلو درست ڪن ۽ ملڪ جي تاريخي وحدت خلاف سازشن کان پاسو ڪن، جلال محمود شاهه چيو ته اسان پي ڊي ايم جي مرڪزي قيادت ۽ خاص ڪري سنڌ سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي خبردار ڪريون ٿا ته جيڪڏهن انهن سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به قسم جي سازش ۾ حصو ورتو يا سنڌ دشمنيءَ وارو ڪو قدم کنيو ته پوءِ انهن کي اهو ضرور سوچڻو پوندو ته هو سنڌ ۾ واپس ايندا ۽ سنڌ جو عوام کين سڪون سان ويهڻ نه ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي خلاف ٿيندڙ سازشن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، اسان جي زمين جي هڪ انچ به زمين تي قبضو قبول نه ڪنداسين. سيد جلال محمود شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي ورهائڻ جو ڪو به قانون پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته پوءِ اسان سنڌ جي عوام سان گڏ مزاحمت ڪنداسين ۽ پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button