سنڌ

موهن جو دڙو تهذيب سنڌي ثقافت جي ماءُ آهي:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري طرفان ثفاقتي ڏهاڙي اهم پيغام جاري ڪيو ويو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موهن جو دڙو تهذيب سنڌي ثقافت جي ماءُ آهي. بلاول ڀٽو زرداري موجب اجرڪ، ٽوپي، لوڪ ادب، موسيقي ۽ سنڌي کاڌا منفرد سڃاڻپ رکن ٿا، نوجوان ثقافت کي دنيا ۾ جديد طريقي سان اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. اڳوڻي آصف زرداري چيو آهي ته مهذب قومون پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ ٻولي کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن. سنڌ واسين پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کي سدائين مٿانهون رکيو آهي، انهن ڌرتي لاءِ جان ڏيندڙ شهيدن کي ڪڏهن به ناهي وساريو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ واسي ثقافت کي زنده رکڻ سان گڏ ڌرتي تي شدت پسندي کي وٿي نه ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button