سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ گرين سنڌ فائونڊيشن پاران 50 ماحول دوست ٻوٽا پوکيا ويا

لاڙڪاڻي ۾ ايڪتا ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان سماجي تنظيم گرين سنڌ فائونڊيشن طرفان وڻڪاري آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ 50 ماحول دوست ٻوٽا پوکيا ويا. ان موقعي تي تنظيم جي سرواڻ ذوالفقار مگسي، منور وگهيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلين، گلومنگ وار جي خاتمي جو واحد ذريعو وڻڪاري، ٻيلن جي بحالي، گرين بيلٽ ۽ اربن فاريسٽ جي قيام ۾ آهي، ماحولياتي جنگ وڙهڻ لاءَ وڻڪاري جي واڌاري لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هنن چيو ته گرين سنڌ فائونڊيشن وڻڪاري جي واڌاري ۽ وڻڪاري جي اهميت ۽ فائدن بابت آگاهي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ان لاءِ هر ايونٽ تي وڻڪاري جا پروگرام ڪري عوام ۾ وڻڪاري آگاهي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button