سنڌ

ڳڙهي ياسين ويجهو موٽرسائيڪل ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر سبب پي پٽ فوت

ڳڙھي ياسين ويجهو ڳوٺ وڪڙ وٽ موٽرسائيڪل ۽ سوزڪي ۾ زوردار ٽڪر سبب پي ۽ پٽ فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. خبر موجب ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ ٻانڀيھڙ جا رھواسي موٽرسائيڪل تي شڪارپور وڃي رھيا ھئا ته لاڙڪاڻي- شڪارپور انڊس ها وي ڳوٺ وڪڙ وٽ موٽرسائيڪل ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ نادر حسين مھر ۽ سندس پٽ 7 ورهين جو نينگر فرمان علي مھر ٿڏي فوت ٿي ويا، جڏھن ته نواب مھر سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع تي ڳڙھي ياسين پوليس ۽ مھر برادري جا ماڻھو واقعي واري ھنڌ پھچي ويا، پوليس سوزوڪي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي سوزڪي ڊرائيور نياز اوڍو کي گرفتار ڪري ورتو. جڏھن ته فوتين ۽ زخمي کي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏھن ته نواب علي مھر جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button