سنڌ

باقراڻي ويجهو نوجوان جو پنهنجي گهر مان لاش مليو، قتل جو شڪ

باقراڻي ويجهو ڳوٺ قلندر آباد ۾ نوجوان جو پنهنجي گهر مان لاش مليو. وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. باقراڻي تعلقي جي يونيورسٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلندر آباد ۾ 25 ورھين جي شادي شده نوجوان راحب علي پٽ علي حسن بروهي جو پنهنجي ئي گھر مان لاش ھٿ آيو، جنهن بعد نوجوان جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ حد جي ٿاڻي يونيورسٽي جي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال کڻائي ويا، جتي ڊاڪٽر موجود نه هئڻ ڪري دير تائين پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو هو، جنهن بعد نوجوان جي وارثن احتجاج ڪيو، جنهن بعد ڊاڪٽر گھرائي نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو. ان موقعي تي نوجوان جي پيءُ علي حسن بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي، مون کي شڪ آهي ته منهنجي نوجوان ڳڀرو پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي خبر پوندي. ھن چيو ته منهنجو پٽ پنهنجي گھر ۾ ئي ستل ھو، جتي سندس گھرواري ۽ سندس سالي به ترسل ھئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button