سنڌ

ايم ڪيو ايم جون گورنر کي پ پ خلاف شڪايتون

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد جي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ملاقات جي اصل ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن مطابق ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي پاران معاهدي تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي هڪ دفعو ٻيهر شڪايت ڪري ڇڏي آهي, ڪامران ٽيسوري سان ملاقات دوران ايم ڪيو ايم جي وفد شڪايت ڪندي چيو ته اسان وفاقي حڪومت جا اهم اتحادي آهيون. پيپلزپارٽي معاهدي مطابق آرٽيڪل 140 اي تي عمل نه پئي ڪري، مڪاني تڪبنديون درست ڪرڻ جو عمل به رهيل آهي، ايم ڪيو ايم وفد گورنر کان گهر ڪندي چيو ته توهان ايم ڪيو ايم جا خدشا وفاق تائين پهچايو، ملاقات دوران ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد جا خدشا پيپلزپارٽي، وفاق تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو ميمبر وسيم اختر به موجود هو، ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي، معاشي صورتحال، صوبي جي ترقي ۾ وفاق جي تعاون ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين جو شهر بڻائڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو ويو، سنڌ جي گورنر چيو ته صوبي جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته عوامي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ اولين ترجيح آهي، متحده جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته صوبي جي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جو خيال خوش آئند آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button