سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سکر واسڻ جو مالي مدد لائي احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ سکر جي شمس آباد واري علائقي جي رهواسڻ عورت مالي مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت غلام ڪبرا ميمڻ دانهيو ته اسان انتهائي غريب آهيون، منهنجو مڙس حضور بخش ميمڻ سنڌ پوليس ۾ جمعدار هو جيڪو ٻه سال اڳ نوڪري تان رٽائر ٿيوو جنهن جي رٽائرمينٽ جي پئسن مان کنيل قرض ادا ڪرڻ کان علاوه ٻيا پئسا مڙس نشي ۾ کپائي ويو، جنهن ڪري اسان زال مڙس مسواڙ جي جڳھه ۾ رهندا آهيون. هن چيو ته پينشن واري پيسن تي گهر جي مسواڙ سميت ٻيون گهر جون پوريون نه ٿين ٿيون جنهن سبب سخت مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيا آهيون. منهنجي بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وسوارن کي اپيل آهي ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن اسان پنهنجو گهر خريد ڪري سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button