سنڌ

ڊکڻ پوليس چوري الزام هيٺ ٻن معصوم ٻارڙن کي لاڪپ ڪري ڇڏيو

ڊکڻ پوليس چوري جي الزام هيٺ 2 معصوم ٻارڙن کي گرفتار ڪري ورتو، معصوم ٻارڙا ٿاڻي تي روئيندا رهيا. ڊکڻ ويجهو ڳوٺ جاڙو حجم جي رهواسي سيدن محمود شاهه جي پٽ 6 ورهين جو اسد شاهه ۽ لعل شاهه جي پٽ 9 ورهين جو جمن شاهه کي سَارين جي وَل جي مبينا چُوري ۾ مُلوث قرار ڏيندي ڊکڻ ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري ورتو. معصوم ٻارڙا بيوسي منجهان روئيندا رهيا. سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ٻنهي معصوم ٻارڙن کي آزاد ڪري ڇڏيو. پوليس عيوضي ۾ معصوم ٻارڙن کي ڇڏائڻ لاءِ آيل ٻن ڄڻن جاني شاهھ ۽ اوشاق شاهه کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. اُن سِلسلي ۾ معصوم ٻارڙن جي وارثن ٻڌايو ته اسانکي ڪا خبر ئي ناهي، ٻارڙا راند ڪرڻ لاءِ ويل هئا. بعد ۾ خبر پئي ته پوليس ٻارڙن کي چوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ رکيو آهي. هن چيو ته اسان مسڪين آهيون، پوليس ٻه نوجوان ٻيا به مبينا چوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائي. ٻئي طرف زميندار محمد علي سيال جي هاري عبدالقيوم سومرو، رزاق سومرو جو چوڻ هو ته ٻارڙا ٻنيءَ مان سَارِين جي وَل چوري ڪري وڃي رهيا هئا ته ٻنهي کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو. ھوڏانھن ڊَکڻ پُوليس مُوجب ته ٻار چوري ۾ ملوث هئا، ڳوٺاڻن کين پڪڙي ٿاڻي تي آندو، جنهن بعد پڇا ڳاڇا ڪئي، پوليس ٻارڙن کان ٿاڻي تي چوري ۾ ملوث هجڻ جو بيان پڻ ورتو آهي، جنهن بعد ٻن ڄڻن ٻين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button