سنڌ

ڏوڪري ويجهو آئي بي اي اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب

ڏوڪري ويجهو ڳوٺ وڏي وهڻي جي ايليمينٽري آئي بي اي اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب ملهائي وئي. پروگرام جي شروعات ڪلام پاڪ ۽ نعت رسول مقبول صلي الله عليه وآله وسلم سان ڪئي وئي. ثقافتي پروگرام ۾ شاگردن شاگردياڻين ڪنزه راڄپر، فائزه راڄپر، زينب راڄپر، شگفته راڄپر، عظميٰ ڪانڌڙو، دعا جاويد، ثمر عبدالله، فاطمه زهره، سيما جوڻيجو ”جاڳ جاڳ سنڌي جاڳ“ جيئي سنڌ، سنڌ وارا جيئن” ”ها مان سنڌي آھيان“ تي ٽيبلوز پيش ڪيا. شاگرد زمان جوڻيجو، شاگردياڻي،عظمى راڄپر، ثميرا راڄپر، فاطمه راڄپر، زينب خاصخيلي، طفيل راڄپر، آڪاش، سفيع الله راڄپر، حمزه راڄپر، مزمل راڄپر، تقريرون ڪيون. ان موقعي تي استادن محمد شريف شيخ، اعجاز چانڊيو، نعيم ڪوريجو جاويد علي مسڻ ڳالهائيندي چيو ته اسان جي خوش قسمتي آھي ته اسان صوفين جي سرزمين سنڌ ۾ رھندا آھيون. هنن چيو ته ثقافتي ڏھاڙا ملهائڻ گهرجن جيئن سنڌي ماڻھن ۾ محبت جو دائرو وڌي سگهي. هنن چيو ته تعليم سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهجي ٿو. هنن چيو ته هن پروگرام ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن سنڌ جي ثقافتي لباس ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪو پائي آيا. هنن چيو ته جيڪا اسان جي سونهن آهي جڏھن ته ثقافتي پروگرام ۾ علي اصغر راڄپر، صحافي جي ايم جهتيال، امين سيال، جاويد ميمڻ، جاويد جوڻيجو، غلام محمد ڀٽي، مزمل چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button