سنڌ

ميرو خان ۾ اسڪول بلڊنگ تباهه،ٻارڙا پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور

ميروخان ويجهو يونين ڪائونسل مصري خان چانڊيو جي ڳوٺ دوست محمد مستوئي جي بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ڊهي پوڻ ڪري معصوم ٻارڙا سي ۾ هيٺ پَٽ تي ويهي علم پرائي رهيا آهن پر تعليم کاتي جي تعلقي توڙي ضلعي اختيارين ۽ ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ اسڪول جي بلڊنگ ۽ فرنيچر جو مسئلو آگاهي هجڻ باوجود حل نه ڪري سگهيا آهن، جڏهن ته اسڪول ۾ مقرر استادن امتياز علي تونيو ۽ وشال عاطف صحافين کي ٻڌايو ته اسڪول بلڊنگ اڳ ۾ ئي ناڪاره هئي ۽ ڪنهن به وقت ڊهڻ جو انديشو هو پر گذريل برساتن ۽ ٻوڏ ۾ هڪ ڪمري تي مشتمل اسڪول بلڊنگ ڊهي پٽ پئجي وئي آهي، جڏهن ته اسڪول کي چوديواري ۽ فرنيچر به ناهي، جنهن ڪري اسڪول ۾ داخل 120 ٻارڙن کي مجبورن اُس ۾ پَٽ تي ويهاري تعليم ڏيڻ تي مجبور آهيون. هنن چيو ته اسڪول جي خراب حالت سبب معصوم شاگردن ۽ استادن کي پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت تعليم کاتي جي تعلقي، ضلعي ۽ ڊويزن جي اختيارين ۽ اي سي ميروخان ۽ ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ کي زباني توڙي لکت ۾ مسلسل آگاھه ڪيو آهي پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ٿي سگهيو، جنهن ڪري اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙن سميت والدين ۽ استاد به پريشان آهيون. هنن صوبائي وزير تعليم، سيڪريٽري ۽ ايم پي اي گهنور اسراڻ کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي نئين بلڊنگ تعمير ٿئي تيستائين ٽينٽ اسڪول قائم ڪري شاگردن جي ويهڻ لاءِ فرنيچر ڏنو وڃي ته جئين ٻارڙن جي زندگي ۽ صحت جو تحفظ ڪري بهتر ماحول ۾ تعليم ڏئي تدريسي عمل کي جاري رکي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button