سنڌ

وارهه ۾ نيب ڊائريڪٽر ۽ سول جج جو گدام تي ڇاپو، ڪڻڪ غائب

وارهه ۾ ڪڻڪ جي گدام تي نيب ڊائريڪٽر ۽ سول جج جي نگراني ۾ ڇاپو هنيو ويو، 3 ڪروڙ ماليت جي ڪڻڪ غائب ٿي وئي. وارهه ۾ ڪڻڪ جي گدام تي نيب ڊائريڪٽر جي حڪم تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب عبدالصمد ۽ سول جج وارهه ڇاپو هنيو ته ڪروڙين روپين جي 13 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون غائب هيون. گدام انچارج انسپيڪٽر علي رضا بروھي کان سخت پڇاڻو ڪيو ويو پر هو ڪو جواب نه ڏيئي سگهيو. ڄاڻ موجب گدام انچارج رات جي وقت گدام مان ڪڻڪ کڻائي وارهه جي هڪ واپاري کي هزارين ٻوريون وڪرو ڪري ڇڏيون. فوڊ کاتي جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ خرد برد ڪري ڪوڙيون رپورٽون ٺاهي جمع ڪرايون ويون ته ڪڻڪ پاڻي اچڻ جي ڪري خراب ٿي وئي آهي. اهڙي جاچ ڪرائي ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائيڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. ۽ وڪرو ڪيل ڪڻڪ جي رقم واپس ڪرائي ملڪي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button