سنڌ

چڪ ويجهو ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار

چڪ ويجهو ڳوٺ ناپر ڪوٽ ۾ قتل ٿيل 3 ڄڻن جي ڪيس ۾ گهربل وڌيڪ هڪ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪري ڇڏي. چڪ ويجهو 5 ڏينهن اڳ چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ناپر ڪوٽ ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل 3 ڄڻن فقير محمد پٽ جعفر مهر، محبت الله پٽ فقير محمد، رضا محمد پٽ قادر بخش ۽ زخمي ٿيل 3 ڄڻن احسان، قربان ۽ مهربان مهر جي ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار گل حسن مهر کي پوليس نورو ڳوٺ ڀرسان ڪارروائي ڪري گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف جهيڙي دوارن زخمي ٽن ڄڻن مان هڪ ڄڻي احسان مهر جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button