سنڌ

قبو سعيد خان جي اسڪول ۾ سهولتن جي اڻاٺ خلاف احتجاج

قبوسعيد خان جي مين گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سھولتن جي اڻاٺ لا شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي استادن عبدالله کوسو، محمد افضل مگسي ۽ شاگردن جو چوڻ ھو ته برسات دوران اسڪول بلڊنگ پويان کان ڪري پئي ۽ در ۽ دروازا نامعلوم چور پٽي کڻي ويا ۽ فرنيچر پڻ غائب آھي، جنھن سبب ڪجھه نامعلوم ماڻھو باٿ روم طور استعمال ڪري رھيا آھن، اھڙي گند ۾ بغير در درين ۽ فرنيچر جي تعليم جاري رکڻ ڏکيو آھي. استادن ۽ شاگردن اختيارين کان نوٽيس وٺي اسڪول رپيئر ڪرائڻ ۽ فرنيچر سميت ٻين سھولتن جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button