سنڌ

(ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي ورسي) يادگار ٺهرائي ڪامريڊ جا ڪتاب شايع ڪرايا وڃن:اديب

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي 8 هين ورسي سندس گهر ۾ انتهائي سادگي سان ملهائي وئي، جنهن ۾ سوڀي جي پٽ نرمل داس، ننهن ريکا، ناليواري اديب، شاعر تاج جويو، شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر محمد علي پٺاڻ، اديب ۽ شاعر آزاد انور ڪانڌڙو، عيسيٰ ميمڻ، استاد خالد چانڊيو، ڄام جمالي، محمد حنيف سهاڳ، عبدالحفيظ منگي، رشيد سمون، نادر ابڙو سميت اديبن، شاعرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. ورسي تي ڪامريڊ جي مجسمي ۽ تصويرن اڳيان گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي پٽ نرمل داس چيو ته سنڌ حڪومت جا اعلان اعلان ئي رهجي ويا، ڪجهه عرصو اڳ سنڌ حڪومت اعلان ڪيو ته شهر جي جناع باغ ۾ يادگار ٺاهڻ سان گڏ ان جي نالي ڪنهن روڊ کي منسوب ڪيو ويندو جنهن تي عمل ٿي نه سگهيو آهي. هن چيو ته بابا جي خواهش هئي ته ان جي نالي سان اسپتال هجي جنهن تي اسان اسپتال ٺاهي پر اها اسپتال هلي نه سگهي ۽ هينئر سنڌي ادبي سنگت جي دوستن کي گذارش ڪندس ته بابا جي نالي سان ڪلينڪ ٺاهي وڃي. ڪامريڊ جي ننهن ريکا چيو ته بابا وسارڻ جهڙو شخص ناهي، هو هر وقت اسان سان گڏ آهي، اڄ ورسي جي موقعي تي هو اسان سان گڏ آهي اسان کيس ياد ڪري رهيا آهيون. ناليواري اديب، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو چيو ته ڪامريڊ سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جو ڪميونسٽ اڳواڻ هو جنهن مظلوم ماڻهن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري برصغير جي آزاديءَ لاءِ به جدوجهد ڪئي. هن چيو ته ڪامريڊ 6 ڀيرا جيل رهيو ۽ ڪوشش ڪئي وئي ته هو سنڌ ڇڏي وڃي پر هن مهاڏو ڪري وطن ڇڏڻ گوارا نه ڪيو، هو اصول پرست ۽ وطن پرست هو، ڪامريڊ جي ايم سيد جي ڪتاب جو ايڊيٽر رهيو آهي، ڪامريڊ جا اثرات سنڌ جي ادب ۽ ثقافت تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڪامريڊ جي سماڌي جمعو فقير پارڪ ۾ ٺهرائي وڃي ۽ سنڌ جي ڪنهن علمي ۽ ادبي اداري جو نالو سندس نالي سان رکيو وڃي. ناليواري اديب محمد علي پٺاڻ چيو ته ڪامريڊ سوڀو فائونڊيشن ۽ ان جو يادگار ٺهڻ گهرجي ۽ ان جا جيڪي لکيل ڪتاب آهن اهي شايع ڪرايا وڃن ۽ جن سوڀو گيانچنداڻي تي لکيو آهي ان مواد کي ڪتابي شڪل ڏني وڃي. هن چيو ته ڪامريڊ نرم دل ۽ صوفي منش انسان هو، هو مڪمل طور تي فنڪار هو. هن چيو ته ڪامريڊ جو خواب هو ته شانتي نڪيتن جهڙو ادارو سندس ڳوٺ ۾ هجي، ڪامريڊ شيخ اياز جو استاد هو. آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته ڪامريڊ سنڌ ۾ روشن ۽ ترقي پسند ادب جو سرواڻ هو، هو سنڌي ادبي سنگت جي سوچ وارو ماڻهو هو، هن جو سنڌي ڪهاڻين ۾ وڏو نالو آهي ۽ سندس قلمي پورهئي کي هميشه ياد رکيو ويندو. عيسيٰ ميمڻ چيو ته ڪامريڊ سوڀو ترقي پسند ادب جو بنياد وڌو، ڪامريڊ هن خطي، ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت ڪندڙ هو. هن اصولن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button