سنڌ

مدئجي ۾ خوني تڪرار جي نبيري لائي ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلو پهتو

مدئجي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ملھو جي وانڍ ۾ جوڻيجا برادري جي جهيڙيندڙ عبدالخالق جوڻيجو ۽ گلاب جوڻيجو وارين ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ پ پ اڳواڻ ذوالفقار ڪماريو، امتياز جوڻيجو، جي يو آئي اڳواڻ سيد رشد الله شاهہ امروٽي جي اڳواڻي ۾ خالق جوڻيجو جي ڌر پاران گلاب جوڻيجو واري ڌر ڏانهن ميڙ منٿ قافلو کڻي پھتي. جڏهن گلاب جوڻيجو واري ڌر ميڙمنٿ قافلي کي مان ڏيندي چيو ته خالق جوڻيجو وارن ڏي ڪجهه پهريان به سڱاوتي مسئلا آهن انهن جو ڏوهه ڏنڍ ڏين اسان فيصلي لا راضي آهيو، ان موقعي تي ميڙمنٿ قافلي ۾ شريڪ اڳواڻن چيو اسان کي گلاب جوڻيجو واري ڌر پاران سٺي موٽ ملي، جلد فيصلو ڪرائبو، واضح رهي 8 مهينا اڳ خالق جوڻيجو ۽ گلاب جوڻيجو ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ گلاب جوڻيجو واري ڌر جو اياز جوڻيجو مارجي ويو هو، ميڙ منٿ قافلي ۾ پ پ اڳواڻ ذوالفقار ڪماريو، امتياز جوڻيجو، جي يو آئي اڳواڻ سيد رشد الله شاہه امروٽي، جي ڊي اي اڳواڻ احمد نواز ناريجو، محمد حسن جوڻيجو، وڏيرو بخشل ڪيھر، عبدالله جوڻيجو سميت سياسي سماجي اڳواڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button