سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ زراعت کاتي جي ملازم جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ خير محمد آريجا واسي زراعت کاتي جي ملازم گذريل 6 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪيو. ان موقعي غلام شبير گوپانگ دانهيو ته سال 2008ع کان زراعت کاتي جي واٽر مينيجمينٽ آن فارم شعبي ۾ راڊ مين طور ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان پر گذريل 6 مهينن کان بنا جواز منهنجي پگهار بند ڪري گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پگهارون نه ملڻ ڪري مون سميت سمورا گهر ڀاتي سخت پريشان آهيون. ان لاءِ کاتي جي آفيسرن کي شڪايت ڪئي پر هو پگهارون جاري نه پيا ڪن جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن مطالبو ڪيو ته پگهارون جاري ڪري گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button